عدالت کي هر فيصلو آئين مطابق ڪرڻو آهي چاهي نتيجو ڪجهه به نڪري: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته وزيراعظم يا گهرو وزير جي نااهل ٿيڻ سان اسان کي سروڪار ناهي، عدالت کي هر فيصلو آئين مطابق ڪرڻو آهي چاهي ان جا ڪجهه به نتيجا نڪرن، آئين ۾ صادق ۽ امين جي شرط رکي وئي آهي ان جو تعين عدالت کي ڪرڻو آهي، اسپيڪر درخواست گذارن جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون، درخواست گذار آخر ڪڏي وڃن، درخواست گذار به ذهن ۾ رکن ته آئين جو آرٽيڪل 0 1 اي به موجود آهي. وقتي چيف جسٽس جواد ايس خواجا چيف جسٽس ناصر الملڪ جي ٻاهرين ملڪ دوري تي هجڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان کان پهريان جسٽس جواد ايس خواجا پاڻ کي وزيراعظم نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي کان الڳ ڪري ڇڏيو هو پرپوءِ هو بئنچ۾ بطور وقتي چيف جسٽس شامل ٿيو. جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ جسٽس سرمد جلال عثماني ۽ جسٽس مشير عالم ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس جواد ايس خواجا اهي رمارڪس ڏنا. بئنچ وزيراعظم جي نااهلي متعلق چوڌري شجاعت حسين، گوهر نواز ۽ اسحاق خاڪواني جي داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کان 4 سوالن تي مدد گهري جنهن ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن اسيمبلي ميمبر جي نااهل هجڻ جي درخواست اچي ٿي ته مجاز فورم ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن طي ٿئي ٿو ته معاملو عدالت ٻڌندي ته ڪهڙي مجاز عدالت هوندي؟ نااهلي لاءِ ڄاڻايل طريقيڪار ڪهڙو هوندو؟ ۽ آخري سوال اهو ته نااهلي لاءِ ڄاڻايل طريقيڪار لاءِ ثبوت ڇا هوندا. ان موقعي تي جسٽس جواد جو چوڻ هو ته ڪنهن جي صادق هجڻ جو تعين عدالت کي ڪرڻو آهي جڏهن ته اسپيڪر به درخواست گذارن جون درخواستون رد ڪيون ته اهي ڪڏي وڃن ۽ درخواست گذارن کي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته آئين جو آرٽيڪل 0 1 اي به موجود آهي پرپوءِ ان سان ڪو سروڪار نه آهي ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير نااهل ٿي وڃي پر اسان کي آئين مطابق فيصلو ڪرڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *