عدالت ٻڌائي مونکي ڇو بند ڪيو ويو؟: عمران خان

اسلام آباد(م.ڊ/اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت 2 تاريخ تي روڪيو ته 3 تاريخ ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن وري به روڪيو ويو ته تاريخ وڌندي ويندي ڇو ته هاڻ اسان بيهڻ وارا ناهيون ۽ نواز شريف کي چوري جو پيسو هضم نه ڪرڻ ڏينداسين.  هن چيو ته پاڪستان جي عدليا کان پڇان ٿو ته منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي جو مون کي هتي نظربند ڪيو ويو. خبر ليڪ ڪرڻ جي اصل ذميوارن کي سامهون آندو وڃي ڇو ته پرويز رشيد ” مغل اعظم“ کان پڇڻ کان سواءِ ڪم ناهي ڪندو. هان هي قوم نواز شريف کان حساب وٺندي. هن چيو ته هتي آئون توهان جي جهڙتي وٺڻ لاءِ آيو آهيان. هڪ ڏوهاري کي وزير اعظم ڪڏهن به قبول نه ڪندس ڇو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو آئين ۽ قانون ڪنهن ڏوهاري کي وزير اعظم بڻجڻ جي اجازت ناهي ڏيندو.پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان چيو آهي ته ايتري حساس خبر ليڪ ٿيڻ  سنجيده معاملو آهي، خبر واري معاملي تي وڌيڪ جاچ ٿيڻ جي ضرورت آهي.  خبر ليڪ ٿيڻ وار معاملو نواز رشريف ڏانهن وڃي ٿو، پرويز رشيد ٻار ناهي، ڪيتري ڪيتري دير تائين ٽي وي تي ويهي ن ليگ جي نمائندگي ڪندو رهندو آهي. عمران خان اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته خبر کي ڄاڻي واڻي فيڊ ڪيو ويو، ڀارت ۽ سرائيل جي لابي پاڪستان ۾ سرگرمين ۾ ملوث آهي، چوڌري نثار اسڪول جو دوست آهي، ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته چوڌري نثار ۽ منهنجي دوستي پراڻي آهي.  جاچ ٿيڻ گهرجي ته ان خبر جي پٺيان ڪير هو جيڪو مودي جو موقف هو. هن چيو ته آئو سمجهان ٿو ته اهڙي ڪهاڻي پرويز رشيد ڏسڻ کان سواءِ  ئي اڳتي موڪلي ڇڏي آهي، چوڌري نثار اهو ٻڌائي ته اسان جدوجهد ڇو ڪري رهيا آهيون.  اسان اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪري رهيا آهيون ڇو ته نواز شريف پاناما ليڪس ۾ پڪڙيو ويو آهي. چوڌري نثار ٻڌايو ته مي فيئر واري ملڪيت 90 واري ڏهاڪي ۾ خريدي وئي جڏهن ته وزير اعظم پارليامينٽ ۾ ٻڌايو ته اها ملڪيت 2005 ۾ خريدي هئي.  ڇا پرويز رشيد پاڻ اها خبر اڳتي موڪلي سگهي ها يا ان جي پٺيان شاهي خاندان آهي. هاڻ ان معاملي تي اڃان به وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي ته ان جي پٺيان ڪير آهي. جلسي ۾ اسان پنهنجي ٻارن ۽ عورتن کي گهرائي رهيا آهيون، هٿيارن وارن ماڻهن کي ڪيئن ٿا گهرائي سگهون. توهان پاڻ ننڍن صوبن ۾ تعصب پيدا ڪري رهيا آهيو. ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي اها ڪهڙي جمهوريت آهي. هن وڌيڪ چيو ته چوڌري نثار کي وزير اعظم کان ڪرپشن بابت پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف  پي ٽِي آءِ بظاهر حڪومت کي موجوده بحران مان ڪڍڻ جو هڪ موقعو فراهم ڪندي تجويز ڏني آهي ته هو پاناما اسڪينڊل جي جاچ لاءِ 2 نومبر کان اڳ جوڊيشل ڪميشن جي قيام جي حوالي سان قانون منظور ڪري، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت وٽ اڃا به وقت آهي ته هوءَ صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪي ۽ پاناما پيپر جي انڪوائري جي حوالي سان اپوزيشن جي تيار ڪيل بل جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو اجلاس طلب ڪري، شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن حڪومت سنجينده آهي ته هوءَ اپوزيشن پاران گڏيل طور تي پيش ڪيل ٽي او آرز جي تحت انڪوائري ڪميشن جي قيام جي حوالي سان هڪ آرڊيننس جاري ڪري سگهي ٿي، ان کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن حڪومت توهان جي اها تجويز قبول ڪري ته ڇا پي ٽي آءِ 2 نومبر جو احتجاج ختم ڪندي، هن چيو ته صرف اعلان ڪافي نه هوندو، اسان پارليامينٽ ۾ عمل چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *