عدالت جي لانڊري کي ذاتي جهيڙن جو گند صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏبو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، نيب ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور مقرر 10 فوجي آفيسرن جي مقرري وارو معاملو چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ۾ چيو آهي ته عدالت جي لانڊري کي ذاتي جهيڙن جو گند صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو.  نيب بابت داخل مختلف درخواستن تي جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. انيتا تراب ڪيس ۾ درخواستگذار محمود اختر نقوي دليل ڏيندي چيو ته نيب ان ڪيس جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪري توهين عدالت ڪئي آهي. محمود اختر نقوي چيو ته فوج مان 10 آفيسر نيب۾ آيا، جن کي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود کين اصلي کاتن ۾ واپس ناهي موڪليو ويو. عدالت، فوجي آفيسرن جي نيب ۾ مقرري وارو معاملو چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ڇڏيو. بحريه ٽائون جي زمينن بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي جسٽس ثاقب نثار چيو ته هتي ڪو به وڏو يا ننڍو ناهي، انصاف قانون موجب ئي ٿيندو آهي پر ذاتي جهيڙن کي عدالت ۾ آڻڻ بدران ٻاهر حل ڪيو وڃي. جسٽس نثار  چيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي انصاف ۾ رنڊڪ وجهي ته ان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي سگهي ٿي، فائدو کڻندڙ ڌر خلاف توهين عدالت ڪارروائي نٿي ٿي سگهي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته هو قاضي نه پر جج آهي، هتي قانون موجود آهي، فيصلا ميرٽ تي ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *