عدالتي نظام ۾ سڌاري لاءِ سرجيڪل آپريشن ٿيڻ گهرجي پر اهو آپريشن ماتحت عدالتن مان شروع ٿئي: سينيٽ ڪميٽي

اسلام آباد (بيورو) تڪڙي ۽ سستي انصاف بابت سينيٽ جي سموري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي ۾ قانوندانن ۽  ميمبرز تجويزون ڏنيون آهن ته عدالتي نظام ۾ سڌاري لاءِ سرجيڪل آپريشن ٿيڻ گهرجي پر اهو آپريشن ماتحت عدالتن مان شروع ٿئي ته بهتر هوندو. سينيٽ جي سموري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو،نهن ۾ ملڪ اندر تڪڙي ۽ سستي انصاف جي فراهمي لاءِ سفارشن تي غور ڪيو ويو. سينيئر قانوندان ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ايس ايم ظفر چيو ته ملڪ ۾ عدليه جو نظام نه رهيو ته پارليامينٽ به نه رهندي، ملڪ ۾ عدالتي ۽ جمهوريت نظام موجود آهي پر اهو ناقص آهي. ايس ايم ظفر چيو ته قانون کي بهتر ڪرڻ جي ضرروت آهي، انصاف ڪميشن ۾ ڪو به حاضر سروس جج نه هئڻ گهرجي. پ پ سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته لا اينڊ جسٽس ڪميشن هن وقت تائين تڪڙي ۽ سستي انصاف لاءِ ڇا ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ جي پاڻمراو نوٽيس واري معاملي تي به لا اينڊ جسٽس ڪميشن کان پڇيو وڃي. فرحت الله بابر چيو تهِ ڪميشن کان اهو به پڇيو وڃي ته سڪيورٽي ادارن کي قانون تحت آڻڻ لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي. جي يو آءِ جي حافظ حمد الله چيو ته ملڪ ۾ عدالتن کان علاوه جرڳي ۽ ٽياڪڙي جو نظام بحال ڪيو وڃي. حافظ حمد الله چيو ته شرعي عدالتون قائم ڪيون وڃن، تڏهن ئي عدالتن  بار گهٽ ٿيندو ۽ بهتر ڪارڪردگي ڪري ڏيکارينديون. مشاهد حسين سيد چيو ته ملڪ ۾ مئجسٽريٽ ۽ سول ججز جون 1500 جايون خالي پيل آهن، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ هزارين ڪيس التويٰ هيٺ آهن، جن کي تڪڙو اڪلايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *