عدالتي فيصلو تاريخي قرار، اليڪشن ڪميشن شفافيت يقيني بڻائي: شبلي فراز

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز صدارتي ريفرنس تي عدالتي راءِ کي تاريخي قرار ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن فيصلي جي روشني ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته سپريم ڪورٽ جي راءِ سان ظاهري طور اهو ئي ٿو لڳي ته سينيٽ چونڊون آئين جي آرٽيڪل 226 تحت سيڪريٽ بيلٽ سان ٿينديون پر معزز جج صاحبن نشاندهي ڪئي ته چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت لاءِ هر قدم کڻي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته سيڪريسي بيلٽ دائمي ناهي، وقت جا تقاضا ٻيا آهن، زميني حقيقتون ٻيون آهن. سندس موجب حڪومت جو آئين ۾ تشريح گهرڻ جو فيصلو سٺو هو، اسان پاڪستان ۾ شفافيت ۽ ڪرپشن کان پاڪ معاشي جو فلسفو کڻي هلندا آهيون، اسان نظريي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون. شبلي فراز چيو ته اسان چاهيون ٿا چونڊيل نمائندا پئسي جي زور تي نه پر اهليت جي بنياد تي اچن، چونڊيل نمائندا عوام لاءِ فيصلو ڪن، ڇو ته پئسي سان ايندڙ پنهنجي مفادن خلاف قانون سازي نٿا ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته حفيظ شيخ هڪ ايماندار ۽ قابل شخص آهي، اهو هر شخص جيڪو قابل ۽ ايماندار آهي، تحريڪ انصاف جو ڊي فيڪٽو ميمبر آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *