عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو ته ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو خلاف ڪارروائي ڪنداسين:؛سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) مڪاني چونڊن بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جسٽس جواد ايس خواجا ريمارڪس ڏنا آهن ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪيو ويو ته ملڪ جي چيف ايگزيڪٽو خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي ويندي. جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل اڪرم شيخ جواب داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هـُن چيو ته ڪي پي ڪي هلندڙ سال مئي ۾ چونڊون ڪرايون وينديون، جڏهن ته پنجاب نومبر يا ڊسمبر ۽ سنڌ ۾ ايندڙ سال جنوري يا فيبروري ۾ چونڊون ٿينديون. اڪرم شيخ چيو ته اليڪشن ڪميشن ڄاڻايل تاريخن تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي پر عدالتي حڪمن موجب چونڊن کان پهريان قانسازي ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي جسٽس سرمد جلال عثماني ريمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊون ڪرائڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته عدالت کي بااختيار چيو وڃي ٿو پر ان جي حڪمن تي عمل نٿو ڪيو وڃي. جسٽس جواد ايس خواجا چيو ته ائين پيو لڳي ڄڻ صوبا مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار ئي ناهن. هـُن چيو ته ٻڌايو وڃي ته مڪاني چونڊن ۾ دير جو ذميوار ڪير آهي، سندس خلاف ڪارروائي ڪجي. جسٽس جواد ايس خواجا ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪيو ويو ته ملڪ جي چيف ايگزيڪٽو خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *