عدالتون دهشتگردن جي نشاني تي، حملن جو خطرو، ڳجهن ادارن رپورٽ ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ عدالتون به دهشتگردن جي نشاني تي آهن حملن بابت ڌمڪي وارين ڪالز کان پوءِ عدالتن جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪري اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي هڻي ڇڏي اطلاع مطابق ڌمڪي وارا فون ڪالز ۽ حملن جي خطرن سبب ڪراچي بار ايسوسيئيشن ۽ سٽي ڪورٽ لاءِ ريڊ الرٽ جاري ڪيا ويا حفاظتي قدم سخت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو بار ايسوسيئيشن ساڍا ست هزار وڪيل ججز عدالتي عملو جيلن مان ايندڙ قيدين سميت سٽي ڪورٽ ايندڙ شهرين جي تحفظلاءِ سيڪيورٽي طلب ڪري ورتي ذريعن مطابق حساس ادارن پاران ڪراچي ۾ سياسي جماعت جي ايم اين اي تي حملي کان پوءِ ڪالعدم تنظيمن سميت دهشتگردن پاران عدالتن ۾ پيش ٿيندڙ قيدين وڪيلن ججز عدالتي عملي ۽ مختلف ڪيسن ۾ ايندڙ ماڻهن کي دهستگردي جو نشانو بنائڻ جي ڳجهي اطلاع کان پوءِ سندس تحفظ لاءِ ڪراچي بار کي قدم کڻڻ جو چيو ويو آهي ٻئي پاسي ذريعن ٻڌايو ته ڌمڪي وارا فون ڪالز جي رڪارڊنگ کان پوءِ ايمرجنسي بنيادن تي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ مناسب سيڪيورٽي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ چيو آهي جنهن ۾ سٽي ڪورٽ ۽ بار بلڊنگ کي نهايت حساس قرار ڏنو ويو آهي ۽ حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ جو چيو آهي جنهن کان پوءِ ڪراچي بار ايسوسيئيشن بار ميمبرن جي سيڪويرٽي لاءِ انچارج سيڪيورٽي جج کي ايمرجنسي بنيادن تي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ باقاعده لکت ۾ اطلاع ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *