عدالتون حڪومت خلاف ڪنهن سازش ۾ ملوث ناهن: وزيراعظم

لنڊن (م.ڊ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته اسان جلسا ناهن ڪيا جڏهن ڪيا سين ته خبر پئجي ويندي منهنجو خيال نه آهي ته عدالتون حڪومت جي خلاف ڪنهن سازش ۾ ملوث آهن پوري قوم ۽ پارليمينٽ هڪ پاسي ۽ اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ٻئي پاسي آهن اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير ۾ پاڪستاني ۽ ڪشميري عوام جي جذبن جي ترجماني هئي چونڊ عمل ۾ ڪمزوريون حل ڪرڻ اسان جي منشور جو حصو آهي منفي گيم کيڏندڙن بابت ڪجهه نٿو چوڻ چاهيان سومر تي هتي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته اسان جلسا ناهن ڪيا جڏهن ڪنداسين ته خبر پئجي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان به مڃون ٿا ته نظام ۾ خرابيون آهن ۽ اهي درست ڪرڻ اسان جي ايجنڊا ۾ شامل هو اسان پنهنجي منشور مطابق نظام ۾ خرابيون دور ڪري رهيا آهيون ۽ ڪنداسين چونڊ عمل ۾ ڪمزوريون حل ڪرڻ اسان جي منشور جو حصو آهي اسان پنهنجي دور ۾ چونڊ عمل کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڌرڻي وارا جڏهن لاهور کان اسلام آباد طرف اچڻ لڳا ان وقت لاهور هاءِ ڪورٽ ڪهڙو فيصلو ڏنو هو هي سڀني جي سامهون آهي ۽ جڏهن ڌرڻن وارا ريڊ زون ۾ داخل ٿيا تڏهن به عدالت آبزرويشن ڏني هئي اها به سڀني جي آڏو آهي هن چيو ته منهنجو خيال نه آهي ته عدالتون حڪومت جي خلاف ڪنهن سازش ۾ ملوث آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *