عثمان کي ٻئي ملاقات ۾ ئي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي هئي: ثمينه پيرزاده

 

لاهور(شوبز نيوز) سينئر اداڪاره ثمينه پيرزاده چيو آهي ته مان ٻئي ملاقات ۾ ئي عثمان پيرزاده کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي هئي.ميڊيا رپورٽ موجب ثمينه پيرزاده پنهنجي ويب پروگرام ۾ عثمان پيرزاده کي شرڪت جي دعوت ڏني. ٻنهي زال مڙسن هڪ ٻئي سان اهي ڳالهيون ڪيون جيڪي ان کان اڳ ڪڏهن به نه ڪيون هيون. عثمان پيرزاده ٻڌايو ته مون کي ثمينه جو پراعتماد هجڻ ڪافي پسند آيو.ثمينه عثمان پيرزاده کان سوال ڪيو ته جڏهن مان ٻئي ملاقات ۾ ئي شادي جي آڇ ڪئي ته اوهان جو ڇا رد عمل هو. ان جي جواب ۾ عثمان پيرزاده چيو ته مون سوچيو ته ثمينه ڪيتري چري ڇوڪري آهي جو هو مون سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي، پوءِ سوچيم ته ڇاهي ڪري ٿا وٺون. پوءِ سوچينداسين ته ڇا ٿو ٿئي. اداڪار چيو ته ثمينه جي پراعتمادي بي خوف شادي جي آڇ ڪرڻ مون کي تمام گهڻو پسند آئي ان شيءَ  منهنجو ثمينه طرف ڌيان ڇڪرايو ۽ پوءِ مان هن سان شادي ڪرڻ جي ها ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *