عبدالواحد آريسر سنڌين جي حقن لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جيئي سن قومي محاذ جي چيئرمين ۽ ناليواري دانشور عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عبدالواحد آريسر سنڌ ڌرتي جي مفادن جو سودو نه ڪيو ۽ هميشه اصولن تي قائم رڪيو. هن چيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين ۽ ناليواري دانشور ۽ ليکڪ عبدالواحد آريسر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيوآهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ ۽ صوبي جي غريب ۽ مظلوم سنڌين جي حقن لاءِ عبدالواحد آريسر جي جدوجهد کي ساراهيون ٿو ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عبدالواحد آريسر سنڌ ڌرتي جي مفادن جو سودو نه ڪيو ۽ هميشه اصولن تي قائم رهيو ۽ هو عملي طور تي سنڌ ڌرتي جي مستقبل رهواسين جي اتحاد ۽ يڪجهتي لاءِ ڪوشان رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *