عبدالقادر جو مصباح الحق کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جاري رکڻ جو مشورو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالقادر مصباح الحق کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جاري رکڻ جو مشورو ڏنو آهي. سندس چوڻ آهي ته مصباح ون ڊي تان پڻ جلد رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي، هو ٻنهي فارميٽ تي کيڏڻ لاءِ فٽ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پي سي بي چيئرمين شهريار خان مصباح کي رٽائرمينٽ نه وٺڻ جي درخواست ڪري صحيح قدم کنيو. ٽيسٽ ڪپتان مڪمل طور تي فٽ آهي ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مصباح الحق کي ون ڊي تان رٽائرمينٽ نه وٺڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *