عام چونڊون 2018 ۾ ٿينديون، هڪ، ٻن وفاقي وزيرن جي قرباني به ٿيندي: منظور وساڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عام چونڊون 2018 ۾ ئي ٿينديون، پر 2015 ۾ پنجاب جي 4 تڪن ۾ قومي اسيمبلي جي اليڪشن ٿيڻ جا واضح امڪان آهن گڏ ئي هڪ ٻن وفاقي وزيرن جي قرباني به ڏيڻي پوندي. دعا آهي ته ايندڙ سال گذريل سال کان بهتر هجي ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻي. بلاول ڀٽو زرداري، بينظير ڀٽو شهيد ۽ آصف علي زرداري جو پٽ ۽ ذوالفقار ڀٽو شهيد جي ڏوهٽو آهي پارٽي ۽ قوم کي ان مان بي حد اميدون آهن. انشاءَالله هو بي بي شهيد جي مشن کي پڄاڻي تائين  پهچائيندو. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير جيل، معدنيات، معدني ترقي ۽ اينٽي ڪرپشن واري وزير منظور حسين وساڻ اڄ پنهنجي آفيس ۾ ايندڙ پارٽي ڪارڪنن ۽ ملندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مون محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي هڪ بهادر ۽ مدبر سياستدان ڏٺو. جڏهن کان بي بي سياست جي شروعات ڪئي آئون ان سان گڏ رهيس.  بي بي جي شهادت پاڪستان لاءِ وڏو سانحو هو. بي بي شهيد کي مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي جمهوري جماعت کي هلائڻ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو. ان جي قرباني جي ڪري اڄ اسان جمهوري هوا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون ۽ سياسي جماعتون مڪمل تحفظ سان پنهنجا جلسا جلوس، ريليون ۽ احتجاج ريڪارڊ ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي ان جي بلڪل برعڪس نهايت سخت حالتن ۾ جدوجهد ڪئي. صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ وڌيڪ تبديليون آڻڻ چاهيان ٿو ته جيئن سٺا نتيجا سامهون آڻي سگهجن. هن چيو ته پهريان هيٺين گريڊ جي ملازمن خلاف جاچ ٿيندي هئي هاڻ 20 گريڊ تائين جي ڪجهه آفيسرن خلاف اينٽي ڪرپشن قانون تحت انڪوائري ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *