عامر خان کي آخرڪار پنهنجي نئين فلم لاءِ ڌيءَ ملي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) نئين فلم دنگل ۾ ڌيءُ جي ڪردار لاءِ ڍيڍ هزار ڇوڪرين جا آڊيشن ورتا ويا ۽ آخر ڪار عامر خان کي پنهنجي نئين فلم دنگل ۾ ساڻس ڌيءُ وارو ڪردار نڀائيندڙ ڇوڪري ملي وئي. مسٽر پرفيڪٽ ٺاهي رهيو آهي هڪ  ريسلر جي زندگي تي گهمندڙ فلم دنگل، جنهن ۾ پاڻ هوندو هڪ صحتمند پهلوان، جنهن جي ڪري عامر خان پنهنجو وزن به وڌايو آهي. ڳولا هئي ان ڇوڪري جي جيڪا نڀائي فلم ۾ عامر خان جي ڌيءُ جو ڪردار. ان مقصد جي ڪري ڍيڍ هزار ڇوڪرين جا آديشن به ورتا ويا.ڀارتي ميڊيا مطابق ايترو پئسو وڃائڻ کانپوءِ مسٽر چوزي کي آخر ڪار ملي وئي اها ڇوڪري جنهن جو تعلق هريانا سان ٻڌايو پيو وڃي ۽ هاڻي عامرخان فلم جي عڪس بندي شروع ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *