عامر خان پاران ايندڙ سال پاڪستان ۾ باڪسنگ جي سپر ليگ ڪرائڻ جو اعلان

لنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني نزاد برطانوي باڪسر عامر خان ايندڙ سال پاڪستان ۾ باڪسنگ جي سپر ليگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ عورت باڪسر به ايڪشن ۾ نظر اينديون. عامر خان جو گذريل سال ڊسمبر ۾ باڪسنگ ليگ ڪرائڻ جو ارادو هو، پر هاڻي 2019ع ۾ ايونٽ جو باضابطا اعلان ڪيو ويو آهي. عامر خان جو مقصد پاڪستان ۾ باڪسنگ جو ٽئلينٽ ڳولڻ آهي.هن ٻڌايو ته باڪسنگ سپر ليگ ۾ اسلام آباد ڪنگز، لاهور جائلز، ڪراچي ڊيولز، فيصل آباد فيلڪنز، ملتان ٿنڊرز، پشاور واريئرز، ڪوئيٽا اسٽارز ۽ سيالڪوٽ يونائيٽيڊ جي نالي سان 6 ٽيمون شامل هونديون ۽ وومين باڪسر به حصو وٺنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *