عامر خان هرڻ مارڻ جي الزام ۾ سزا کان بچي ويو

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ جي دبنگ هيرو کي ته عدالت ڏوهاري قرار ڏئي ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته عامر خان قانون جي پڪڙ ۾ اچڻ کان بچي ويو، هرڻ مارڻ تي ان جي خلاف داخل درخواست عدالت خارج ڪري ڇڏي، فلم “ لگان ” جي شوٽنگ جي دوران عامر خان تي هرڻ مارڻ جو الزام هو ، ان سان گڏ ان جي پهرين گهر واري رينا دتا، فلم ڊائريڪٽر اسوتوش گواريڪر، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سرينواس رائو به  درخواست ۾ شامل هو، جڏهن 2008ع ۾ داخل درخواست عدالت مان خارج ٿيڻ کان پوءِ عامر خان جي جند ڇٽي وئي، عامر خان تي ڪيترائي الزام صرف هڪ فلمي سين جي ڪري لڳايا ويا هئا، جن ۾ هرڻ کي گولي هڻڻ ڏيکاريو ويو هو، سزا هئڻ جي صورت ۾ عامر به 5 سالن جي لاءِ جيل وڃي سگهيو ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *