عامر خان شاهه رخ ۽ سلمان خان کان گوهه کڻي ويو

ممبئي(شوبز نيوز)عامر خان جي فلم پي ڪي 2 ارب 36 ڪروڙ 58 لک جو بزنس ڪيو، سلمان ٻئي ۽ شاهه رخ 3 نمبر تي رهيو، بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ  گذريل سال جيئان هن سال به باڪس آفيس جو فاتح بڻجي ويو، سلمان خان  ٻئي جڏهن ته شاهه رخ خان جي فلم 3 نمبر تي رهي، بنارسي بابو عامر خان  جي پي ڪي صرف ڀارت ۾ ٻه ارب 36 ڪروڙ 58 لک جو بزنس ڪيو، 2013 ۾ اداڪار جي دهوم ٿري رڪارڊ بزنس ڪيو هيو، ڪڪ 2 ارب 31 ڪروڙ روپيا ڪمايا ۽ سلمان خان بالي ووڊ جو 2 ڪمائون پٽ بڻجي ويو، هيپي نيو ايئر جو هيرو ٻنهي خانن کان پوئتي رهيو ، ديپڪا ۽ شاهه رخ جي ان فلم ڀارت ۾ ٻه ارب ٻه ڪروڙ جو بزنس ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *