عاليه ڀٽ ۽ شرڌا ڪپور ۾ وڇوٽيون وڌي ويون

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره عاليه ڀٽ ۽ اداڪاره شرڌا ڪپور ۾ وڇوٽيون وڌي ويون. بالي ووڊ جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق بالي ووڊ اداڪارائن عاليه ڀٽ ۽ شرڌا ڪپور جيڪي اڳ ۾ هر تقريب ۾ هڪ ٻئي جون تعريفون ڪندي نه ٿڪجنديون هيون، ۾ اختلاف چوٽ ڇڙهي ويا آهن. هاڻي ٻئي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ به پسند نه ٿيون ڪن. ذريعن مطابق اداڪاره شرڌا ڪپور عاليه ڀٽ جي بواءِ فرينڊ سڌارٿ ملهوترا سان فلم ”ايڪ ولن” بعد هڪ ٻئي فلم سائن ڪري رهي آهي، شرڌا ۽ سڌارٿ ملهوترا وچ ۾ فلم ”ايڪ ولن” دوران ڪافي ويجهڙائپ ٿي وئي هئي تنهن ڪري هاڻي عاليه سڌارٿ ۽ شرڌا جي ٻيهر گڏ فلم ۾ اچڻ سبب پريشان نظر اچي ٿي ۽ شرڌا کان ڪاوڙيل آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *