
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نوجوان اداڪارا عاليا ڀٽ به هالي ووڊ جا خواب ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا، اسٽوڊنٽ آف دي ايئر ذريعي بالي ووڊ ڪيريئر شروع ڪندڙ 22 ورهين جي عاليا ڀٽ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته کيس خبر آهي ته اڃا بالي ووڊ ۾ سندس ڪيريئر جي شروعات آهي ۽ کيس اڃ گهڻو سفر طئي ڪرڻو آهي پر بالي ووڊ جي ٻين ڇوڪرين جيان منهنجي به خواهش آهي ته هڪ ڏينهن هالي ووڊ ۾ ڪم ڪيان ۽ اوله ۾ به پنهنجون صلاحيتون مڃرايان، هن چيو ته ڪجهه سٺين فلمن ۾ ڪم ڪري سندس اعتماد وڌيو آهي پر ان جو اهو مطلب بلڪل به ناهي ته مان هر ڪنهن کي للڪاري سگهان ٿي، عاليا ڀٽ جو چوڻ هو ته پريانڪا چوپڙا ۽ دپيڪا پدوڪون جي رستي تي هلندي هوءَ به ضرور هالي ووڊ ۾ پاڻ مڃرائيندي.001