عاليه بٽ 24 سالن جي ٿي وئي، 48 ڪلاڪ شوٽنگ ڪرائڻ جي خواهش ظاهر

ممبئي  (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڊائريڪٽر ڪرن جوهر جي ميگا هٽ فلم نگري ۾ قدم رکندڙ معصوم چهري واري عاليه بٽ 24 سالن جي ٿي وئي، مشهور فلم ساز مهيش بٽ جي ڌيءَ ۽ پوجا بٽ جي ڀيڻ عاليه صرف هڪ فلم هٽ ٿيندي ئي ڏسندي ڏسندي لکين دلين جي ڌڙڪڻ بڻجي وئي جنهن کانپوءِ انڊسٽري جي ٽاپ ڊائريڪٽر ان کي ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ لڳي ويا، پنهنجي غير معمولي مقبوليت جو عاليه به وڏو فائدو ورتو ۽ ڪيترن ئي ناليوارن انٽرنيشنل برانڊز جي امبيسڊر بڻجي وئي، ڪم بابت ان جي محنت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ چوي ٿي ته هر ڏينهن شوٽنگ ختم ٿيندي آهي ته منهنجي دل چاهيندي آهي ته اها ختم نه ٿئي، مان 24 ڪلاڪ پر 48 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، هن شاندار ڪپور اينڊ سنز اڙتا پنجاب ڊيئر زندگي ۽ وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي جن ڇهن ڏينهن ۾ باڪس آفيس تي 55 ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *