عاليه بٽ ۽ ورون دهون جي نئين فلم ”بدريناٿ ڪي دلهنيا“ باڪس آفيس ۾ تهلڪو مچائڻ ۾ ڪامياب

ڪراچي( شوبز نيوز)عاليه بٽ ۽ ورون دهون جي نئين فلم بدريناٿ ڪي دلهنيا باڪس آفيس ۾ تهلڪو مچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، بالي ووڊ فلم همٽي شرما جي دلهنيا جي سيڪوئل بدريناٿ جي دلهنيا پنهنجي رليز کان هن مهل تائين ڀارت ۾ 157 ڪروڙ جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 33 ڪروڙ جو بزنس ڪري 190 ڪروڙ ڪمائي ورتا آهن، فلم ۾ ورون دهون ۽ عاليه بٽ جي اداڪاري کي شوقينن طرفان بي حد پسند ڪيو پيو وڃي، ششانڪ کيتن جي هدايتڪاري ۽ ڪرن جوهر جي پروڊيوس ڪيل ان فلم ۾ عاليه بٽ ۽ ورون دهون مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته فلم جي ٻين ڪاسٽ ۾ گوهر خان، موهت مروه ۽ شويتا باسو شامل آهن، ميڊيا رپورٽس موجب فلم بدريناٿ  جي دلهنيا شوقينن کي ڪافي حد تائين متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان کي بزنس ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *