عاليا ڀٽ شوٽنگ دوران هدايتڪار جي ڳالهه سمجهه ۾ نه اچڻ تي دانهون ڪندي رهي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ پنهنجي ايندڙ فلم جي تياري دوران هدايتڪار جي ڳاله سمجگه ۾ نه اچڻ تي دانهون ڪري سڀني کي پريسان ڪري ڇڏيو، ڀارتي ،ميڊيا مطابق عاليا ڀٽ هن وقت شاهه رخ خان سان ايندڙ فلم جي تياري لاءِ ورڪشاپ ڪري رهي آهي، جيڪا هڪ موقعي تي رڙيون ڪندي رهي، هدايتڪار گوري شنڌي جي ڪم واري اسٽائل کان اڻڄاڻ عاليا ڀٽ جڏهن هڪ منظر دوران سندس ڳالهه بار بار سمجهائڻ کانپوءِ به نه سمجهي ته پريشان ٿي وئي ۽ دانهون ڪندي رهي، جنهن تي اتي موجود ماڻهو به پريشان ٿي ويا،عاليا ڀٽ فلم جو پهريون شيڊول فيبروري ۾  گووا ۾ مڪمل ڪري چڪي آهي ۽ ٻئي شيڊول جي شوٽنگ مئي ۾ رٿيل آهي، ذريعن مطابق فلم جي پهرين شوٽ دوران به عاليا هدايتڪار کي خوش ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ محڻت ڪئي، بهرحال هاڻ هوءَ کيس سمجهي وئي آهي ۽ ايندڙ شيڊول لاءِ ذهني طور تيار آهي،هوڏانهن گوري شنڌي ۽ عاليا ڀٽ به اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي آهي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *