عالمي ڪپ فائنل ۾ الله اسان سان گڏ هو : آئن مورگن

 

لنڊن: (اسپورٽس نيوز) عالمي چيمپين انگلينڊ جي ڪپتان اوئن مورگن چيو آهي ته ميچ دوران عادل رشيد مون کي چيو ته الله جي مدد اسان سان گڏ آهي ۽ بيشڪ الله اسان سان  گڏ هو.ورلڊ ڪپ 2019 جي فائنل کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سپر اوور دوران مون ٽيم جي حوصله افزائي ڪئي ۽ کين هن مشڪل گهڙي مان لطف اندوز ٿيڻ جو مشورو ڏنو.مورگن چيو ته سپر اوور دوران منهنجي ڪوشش هئي ته رانديگرن کي ذهني دٻاءُ مان ڪڍي سندن چهرن تي مسڪراهٽ آڻيان.مين آف دي ميچ ماڻيندڙ بين اسٽوڪس جي حوالي سان انگلش ڪپتان چيو ته مشڪل صورتحال ۾ جهڙي طرح هن راند پيش ڪئي  اها قابل تعريف آهي.هن چيو ته بين اسٽوڪس غير معمولي صلاحيتن جو رانديگر آهي جهڙي طرح هن نيوزيلينڊ خلاف راند کيڏي ان جي جيتري به  تعريف ڪئي وڃي اها گهٽ آهي .جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن آءِ سي سي جي قانونن تي تنقيد ڪرڻ بدران چيو ته ميچ کان اڳ سمورا قانون طئي هئا، پر اهو ضرور آهي ته هن شڪست کي برداشت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ اها حقيقت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *