عالمي ڪيريئر دوران مرليڌرن ۽ هربجن سنگهه سڀ کان وڌيڪ ڏکيا لڳا: گلڪرسٽ

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي اڳوڻي ناليواري وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ايڊم گلڪرسٽ اعتراف ڪيو آهي ته عالمي ڪيريئر دوران کيس مٿايا مرليڌرن ۽ هربجن سنگهه سڀ کان وڌيڪ ٽف ٽائيم ڏنو، هڪ بيان ۾ ايڊم گلڪرسٽ چيو ته مان پنهنجي سڄي عالمي ڪيريئر ۾ جن بالرن کي ڏکيو سمجهيو، انهن ۾ سريلنڪا جو اڳوڻو عظيم اسپنر مٿايا مرليڌرن ۽ ڀارت جو هربجن سنگهه شامل آهن، هن چيو ته مان مرليڌرن جي آڱرين جي چرپر کي صحيح نه سمجهي سگهندو هيس، اهڙي ريت هربجن سنگهه خلاف کيڏڻ به ڏکيو هوندو هو، ايڊم گلڪرسٽ جو چوڻ هو ته سندس هم وطن بيٽسمين مائيڪل هسي کي به هربجن سنگهه خلاف کيڏڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *