اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عالمي قومون والاريل ڪشمير ڀارتي حڪومت پاران جاري رهندڙ ظلم کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. والاريل ڪشمير آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ لاِٰءِ ڀارتي حڪومت تشدد ڪرڻ کانپوءِ دنيا جا خطرناڪ هٿيار استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن جيڪا عالمي قانون جي کليل خلاف ورزي آهي. محرم جي 10 واري جلوس تي لاٺي چارج ڳوڙها هاريندڙ گيس ۽ تشدد مذمت جوڳو آهي، حريت اڳواڻن کي گرفتار ڪري والاريل واديکي فوجي ڇانوڻي م تبديل ڪيو ويو آهي، پ پ پ جي بنيادي منشور ۾ ڪشميرن جي هر محاذ تي مدد ڪرڻ شامل آهي . پ پ پ ڪشميرمسئلي تي پاڪستان جي وڌيڪ سمورن سياسي پارٽين کان وڌيڪ ڳالهيون ڪري ٿي. پاڪستاني حڪومت جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي سفارتخاني کي ڪشمير جي حوالي سان پيغام ڏين جن خاموشِي اختيار ڪئي آهي، پاڪستان جي سياسي ۽ سفارتي حمايت نظر به اڄڻ به گھرجي، پرڏيهي پاليسي ۾ ساهه وڌو وڃي . ڪشمير مسئلي جي حل ڌيان ڏنو وڃي ۽ وسيلن کي ضايع نه ڪيو وڃي. جھڙي ڀارتي وزيراعظم مخلتف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪيون آهن اهڙي طرح پاڪستاني حڪمران به ڪن، ۽ ٻڌائين ته پاڪستان جي پرامن ڪوششن جو ساٿ ڏنو وڃي ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ ڀارت کي مجبور ڪيو وڃي ته هو امن جو رستو اختيار ڪري، برطانوي پارليمينٽ جا ميمبر ڪشمير مئسلي جي حل لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. هو اڄ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ اپوزيشن چوڌري محمد ياسين ۽ برطانيا جي پارليمينٽ جي ميمبر ناز شاهه جي قيادت ۾ برطانوي ڪونسلنرن جي وفد سان ڳالهائين رهيوهو، آصف زرداري چيو ته پ پ پ جو بنياد ڪشمير مسئلي تي رکيو ويو هو، اسان ڪشميرن جي سياسي ، اخلاقي ۽ سفارتي همايت جاري رکنداسين. هن چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي آزادي واري تحريڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي. هن چيو ته ڀارت ڪنٽرول لائين تي وڏي پيماني تي ڀارتي فوجين کي مقرر ڪري جنگ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي.