عالمي برادري کي افغانستان ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) پرويز رشيد چيو آهي ته عالمي برادري کي افغانستان ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، عالمي ميڊيا پاڪستان ۾ افغان مهاجرن جي اچڻ کي لاڳيتو نظر انداز ڪري رهي آهي، روس جي افغانستان ۾ مداخلت کانپوءِ پاڪستان 17 لک افغان مهاجرن کي ڀليڪار ڪيو، خابرو ادارن موجب مهاجرن سان لاڳاپيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرويز رشيد جو چوڻ هو ته عالمي ميڊيا صرف يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ داخل ٿيندڙ مهاجرن جو ئي ذڪر ڪري رهي آهي، سندس چوڻ هو ته عالمي برادري کي افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيئن افغان مهاجر واپس پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *