عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي: پاڪستان

سرينگر/اسلام آباد (اين اين آءِ/ ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فوج پرتشدد ڪاررواين ۾ وڌيڪ ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي فوج شوپيان ضلعي جي علائقي گنو پوره ۾ مظاهرين تي سڌي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.  والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميرين جي قتل عام جي 24 هين ورسي تي علائقي ۾ مڪمل طور هڙتال آهي، جنهن دوران ڪاروبار ۽ دڪان مڪمل طور بند پيل آهن، جڏهن ته روڊن تي ٽريفڪ مڪمل طور بند آهي. ضلعي پلواما جي علائقي ترال ۾ به نوجوان عابد خان جي شهادت خلاف هڙتال آهي. حريت ڪانفرنس جي چيئرمين سيد علي گيلاني جو چوڻ آهي ته ڪشمير ۾ بدامني جو سڀ کان وڏو سبب ڀارت جو غير قانوني قبضو آهي، جيستائين اهو ختم نه ٿيندو تيستائين ڪڏهن به جٽادار امن قائم نه ٿي سگهندو. هن چيو ته سوپور يونيورسٽي ۾ ڀارتي فوج جي ڇاپن ۽ ڀڃڊاهه جي مذمت ڪريون ٿا.پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي اڳرائي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪشميري نوجوانن کي سندن آزادي واري جذبي کي دٻائڻ لاءِ منظم انداز ۾ نشانو بڻايو پيو وڃي. آچر تي هڪ بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران طاقت جي وحشياڻي استعمال جي سخت مذمت ڪئي آهي ترجمان چيو ته ڀارتي فوج پاران پرامن ۽ هٿين خالي مظاهرو ڪندڙن تي فائرنگ ۽ خطرناڪ هٿيارن جو استعمال ڪشميرين جي خلاف ان جي جاري دهشتگردي جو ثبوت آهي. ترجمان چيو ته بهادر ڪشميري عوام هميشه ثابت ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جو ڪو ئي ڏاڍ، تشدد ۽ شهادتن جا واقعا حق حاصل ڪرڻ واري راهه تان هٽائي نه ٿا سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *