عالمي برادري رڳو امداد بدران پناهگيرن جي بحران جو اصل حل ڳولي:اينجلينا جولي

بيروت (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ۽ پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي سفير انجيلينا جولي چيو آهي ته عالمي برادري کي پناهگيرن جي بحران جي بنيادي سببن جو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي،اسان سفارتڪاري ۽ سياسي حل بدران رڳو امداد سان دنيا جي مسئلن جو حل ڳولي نٿا سگهون، پرڏيهي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق اينجلينا جولي اهو بيان لبنان ۾ وادي بقاع ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڏنو. انجلينا جولي چيو ته هوءَ اميد ڪري رهي هئي ته هوءَ شامي جنگ سبب متاثر ماڻهن جي مدد ڪندي ۽ انهن کي سندن کيس گهرن تائين واپس پهچايو ويندو پر هڪ شرم ۽ افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته اڃا اهو وقت پري آهي. هن چيو ته دنيا پناهگيرن کي مايوس ڪيو آهي. اينجلينا جولي چيو ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته پناهگيرن جي بحران جو سمورو ڌيان هن وقت يورپ تي ئي آهي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *