عاصم سليم باجوه سميت 4 ميجر جنرلن کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي

راولپنڊي (بيورو) پاڪ فوج جي چئن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقيون ڏئي،اعليٰ سطحي بدليون ۽ مقرريون پڻ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جو عهدو پهريون ڀيرو ليفٽيننٽ جنرل کي ڏنو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج جي چئن ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرلز جي عهدن تي ترقيون ڏئي اعليٰ آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون پڻ ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل عاصم سليم باجوه،ڊي جي ملٽري آپريشنز ميجر جنرل عامر رياض،ميجر جنرل صادق علي ۽ ميجر جنرل عمر فاروق دراني کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي ڏني وئي آهي. ترقين بعد پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي بدليون ۽ مقرريون پڻ ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر موجب، عاصم سليم باجوه کي ليفٽيننٽ جنرل بڻجڻ باوجود ڊي جي آءِ ايس پي آر جَي عهدي تي برقرار رکيو ويو،ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو عهدو ڪنهن ليفٽيننٽ جنرل کي ڏنو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل عمر فاروق دراني کي ڪور ڪمانڊر منگلا ۽ ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض کي ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ڪوئيٽا مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، ليفٽيننٽ جنرل ملڪ ظفر اقبال کي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي ۽ ليفٽيننٽ جنرل صادق علي کي ڪور ڪمانڊر لاهور بڻايو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل اڪرام الحق کي ڪور ڪمانڊر گجرانوالا ۽ ليفٽيننٽ جنرل هلال حسين کي ڪمانڊر آرمي اسٽريٽجڪ فورس ڪمانڊ مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ذريعن موجب پاڪ آرميءَ جا 4 ليفٽيننٽ جنرلز پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ بعد ڪجهه ڏينهن اندر رٽائر ٿي ويندا. رٽائر ٿيندڙن ۾ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل ناصر خان جنجوعا، ڪور ڪمانڊر لاهور ليفٽيننٽ جنرل نويد زمان، ليفٽيننٽ جنرل طارق نديم گيلاني ۽ ليفٽيننٽ جنرل اعجاز چوڌري شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *