
ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪار عابد علي جي ڌيءَ راحمه علي پنهنجي والد جي موت جي ترديد ڪندي چيو آهي ته منهنجو والد زنده آهي ۽ ان جي موت بابت ڪوڙيون افواهون ڦهلايون پيون وڃن. جڏهن ته هو زنده آهي کيس زنده رهڻ ڏنو وڃي.پاڪستان ٽي وي انڊسٽري جي ليجنڊ اداڪار عابد علي هن وقت سخت بيمار آهي ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. ان جي ڌيئرن ايمان علي ۽ راحمه علي سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي درخواست ڪندي چيو هو ته ان جي پيءُ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ان ڪري سندس صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وڃي. جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي عابد علي جي فوت ٿيڻ جون ڪوڙيون خبرون هلڻ شروع ٿي ويون جنهن تي عابد علي جي ڌيءَ راحمه پيءُ جي فوت ٿيڻ جون ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ وارن کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو هو ته منهنجو پيءُ زنده آهي ان جي موت بابت ڪوڙيون خبرون ڦهلايون پيون وڃن.ان جي فوت ٿيڻ وارين خبرن ۾ ڪابه صداقت ناهي جڏهن ته هو زنده آهي ۽ کيس زنده رهڻ ڏنو وڃي. راحمه وڌيڪ چيو ته مان پهريان به قوم کي دعائن جي اپيل ڪئي هئي ۽ هينئر به قوم کان ان جي زندگي ۽ صحت جي لاءِ دعائن جي اپيل ڪريان ٿي. ٿوري دير اڳ ئي اسپتال انتظاميه والد جو چيڪ اپ ڪيو هو. والد جي طبيعت هاڻ ڪجهه بهتر آهي.