عائشه عمر غيراخلاقي تصويرون پوسٽ نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره عائشه عمر اڳتي پنهنجون غير اخلاقي تصويرون انسٽاگرام تي پوسٽ نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي پنهنجون اهڙي قسم جون سموريون تصويرون ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن. عائشه عمر کي اڪثر پاڪستان معاشري سان مطابقت نه رکڻ وارو لباس پهرڻ سبب سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. گذريل ڏينهن هن پنهنجي پرڏيهه ۾ موڪلن دوران تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون ته مٿس تنقيد ڪئي وئي جنهن تي هن اهڙو فيصلو ڪيو. عائشه عمر ڊي جي ۽ ميوزڪ جي نالي سان پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي موجود تصويرون ڊليٽ ڪيون ۽ ان جو ذميوار ان نفرت کي قرار ڏنو آهي جيڪا پاڪستانين طرفان کيس ملي آهي. عائشه عمر هڪ پرائيويٽ انسٽاگرام اڪائونٽ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ هن چيو ته اڳتي هو پنهنجون اهڙيون تصويرون پنهنجي دوستن ۽ گهرڀاتين سان شيئر ڪرڻ لاءِ پرائيويٽ اڪائونٽ استعمال ڪندي. هن چيو ته اهڙو قدم اڳ ئي کڻڻ گهرجي ها، مونکي پنهنجي زندگي ۾ ناڪاري روين جي ضرورت ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *