عائزه خان حليمه سلطان کي ريما خان سان مشابهت ڏيئي ڇڏي

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪاره عائزه خان ترڪ ادارڪاه اسرابلگيچ، حليمه سلطان کي پاڪستاني اداڪاره ريما خان سان مشابهت ڏني آهي عائزه کان ترڪ اداڪاره اسرابلگيچ جي هڪ تصوير تي ڪمنٽ ڪندي ان کي ريما خان جهڙو چيو آهي عائزه خان جي اها ڪمنٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويئي آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا صارفين کي ان ريماخان ۽ اسرا بلگيچ وچ ۾ فرق نه ڏيڻ وڌيڪ پسند نه آيو هڪ عورت چيو ته ٻن فنڪارن جو پاڻ ۾ ڀيٽا ڪرڻ تمام خراب شئي آهي اهي ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خوبصورت ۽ بالاصلاحيت آهن فرحان نالي صارف به ريما ۽ اسرا جي وچ ۾ مشابهت کي وڌيڪ پسند نه ڪيو ۽ چيو ته مذاق جي به ڪا حد هوندي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *