ظهير عباس ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز ۾ به پاڪستان ٽيم پاران ڪلين سوئپ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد  (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) جي صدر ظهير عباس ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز ۾ به پاڪستان ٽيم پاران ڪلين سوئپ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، ظهير عباس جو چوڻ آهي ته ويسٽ انڊيز کي ٽوئنٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 3-0 تان شڪست ڏيڻ کانپوءِ پاڪستان ٽيم جو اعتماد بحال ٿيو آهي، پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل هڪ ڏينهن جي ميچن واري سيريز کانپوءِ ٽن ميچن جي ٽيسٽ سيريز به کيڏي ويندي پرڏيهي خابرو اداري موجب پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي عظيم بيٽسمين ظهير عباس چيو ته پاڪستان ٽيم کي ويسٽ انڊيز کان هڪ ڏينهن واري سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ ڪا ڏکيائي نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته رانديگرن ٽوئنٽي ٽوئنٽي ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو، ان ڪري هڪ ڏينهن واري سيريز لاءِ به ان مان گهڻيون اميدون لاڳاپيل آهن، آءِ سي سي جي صدر پاڪستاني اسپنرن جي تعريف ڪندي هڪ ڏينهن واري سيريز ۾ انهن جي ڪردار کي گهڻو اهم قرار ڏنو، هن ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ قومي ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي چيو ته نوجوان رانديگرن کي ويسٽ انڊيز خلاف هڪ ڏينهن واري سيريز ۾ وڌيڪ موقعا ڏيڻ جي ضرورت آهي، ظهير عباس ڪپتان تي زور ڏنو ته هو گذريل غلطين مان سبق سکي ،نوجوانن کي وقت ڏيڻ ضرورت آهي جڏهن ته توهان سموري ٽيم ۽ پاڪستان کي گڏ تبديل نه ٿا ڪري سگهو ، هندستاني ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر انوراگ ٺاڪر جي بيان جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال تي ظهير عباس چيو ته اهي ڏينهن پري ناهن ،جڏهن سمورين ٽيمون ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *