ظهير عباس جي آءِ سي سي جي نئين صدر جي حيثيت سان نامزدگي جو معاملو اڄ سالياني ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويندو

لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ظهير عباس جي آءِ سي سي جي نئين صدر جي حيثيت سان نامزدگي جو معاملو اڄ سوم ڏينهن بارباڊوس ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿيندڙ آءِ سي سي جي سالياني ڪانفرنس ويڪ ۾ پيش ڪيو ويندو، هڪ هفتي تي ٻڌل سالياني ڪانفرنس پهريون ڀيرو ويسٽ انڊيز ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ آءِ سي سي جا ايسوسيئيٽ ۽ فل ميمبر شرڪت ڪندا، ايجنڊا ۾ آءِ سي سي جي نئين صدر جو معاملو آءِ سي سي جي ايسوسيئيٽ ميمبر شپ جي درخواست، آءِ سي سي جي ميمورينڊم آف آرٽيڪلز آف ايسوسيئيشن ۾ ترميم، سريلنڪا ڪرڪيٽ ۽ يو ايس اي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن بابت اپڊيٽس، اينٽي ڪرپشن يونٽ جي چيئرمين جي رپورٽ، آءِ سي سي اسٽيٽجي پوسٽ 2015 ۽ ڪميٽي طرفان ڪرڪيٽ ۽ ڊولپمينٽ جون سفارشون شامل آهن،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *