ظفر حجازي سلطاني گواهه بڻجي سگھي ٿو، ان جي حياتيءَ کي خطرو آهي، تحفظ ڏيڻ گھرجي : سينيٽر اعتزاز احسن

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ پ  جي سيئنر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته ظفر حجازي سلطاني گواهه بڻجي سگھي ٿو، انجي زندگي کي خطرو آهي کيس تحفظ  ڏيڻ گھرجي شريف ڀائرن جي عادت آهي ته غلامن  وانگر ان جي خدمت ڪئي وڃي ۽ هر ڪوئي انجي ڊيوٽيءَ ۾ رهي. ظفر حجازي کي ٻين وانگر قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي، وزيرعظم يا وزير وٽ اقامو هجڻ ڪريل حرڪٽ آهي،  نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته رڪارڊ ٽيمپرنگ ڪيس ۾ ظفر حجازي سان نوازشريف سان نامزد هجڻ گھرجي هان چو ته ظفر حجازي جيڪو ڪجھه ڪيو انجو فائدو نوازشريف کي پهتو. شريف خاندان اهم ادارن ۾ پنهنجو وفادارن کي ئي مقرر ڪندو آهي ماڊل ٽائون پوليس آفيسرن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي. ظهير السلام خلاف مشاهد الله کي ٻڪرو بڻايو ويو ڊان ليڪس ۾ به قربانيءَ جا ٻڪرا بڻايا ويا. شريف ڀائرن جو خاص ماڻهون نيشنل بينڪ جو صدر آهي. وزيراعظم جو پرڏيهه ۾ نوڪري ڪرڻ شرم جھڙي ڳالهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *