ظفر حجازي جي غلط ڪمن جي سرپرست حڪومت پئي ڪري: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ظفر حجازي جي سمورن غلط ڪمن جي سرپرستي پاڻ حڪومت ڪري رهي آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته رڪارڊ ٽيمپرنگ ۾ گرفتار چيئرمين ايس اي سي پي ظفر حجازي جي طرفداري ان ڳالهه جو دليل آهي ته سمورن غلط ڪمن جي سرپرستي پاڻ حڪومت ڪري رهي آهي، ظفر حجازي جي گرفتاري ان جي ڏوهن ۾ ملوث هئڻ جو ثبوت آهي، پر اهو به ڏسڻو پوندو ته رڪارڊ ٽيمپرنگ جي ڏوهن پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي ۽ ان فراڊ جو فائدو ڪير کڻي رهيو هيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *