طاهر القادري انصاف لاءِ روڊن تي نڪتو ته سندس ساٿ ڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيرمين عمران خان چيو ته طاهر القادري کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريان ٿو ماڊل ٽائون سانحِي  جي انصاف لاءِ  رستن تي نڪتا ته ساٿ ڏينداسي، سڀني کي ماڊل ٽائون رپورٽ ڏسڻ گھرجي، شهبازشريف ۽ راڻاثناءَ الله جلد کان جلد استعيفيٰ ڏين، شهبازشريف جو ڪوڙ پڪڙجي پيو  ۽ راڻا ثناءَ الله گوليون هلائڻ جو حڪم جاري ڪيو، ڪيس شهبازشريف ۽ عابد شير علي تي هلائڻ گھرجي، عمران خان چيو ته اسان صاف ۽ شفاف چونڊ لاءِ پرامن احتجاج ڪيو پوءِ به اسان تي الزام مڙهيا ويا، ملٽري ڊڪٽيٽري جي هنج ۾ پلجندڙ منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪري رهيا آهن، هڪ سوال تي هن چيو ته اسان   پر امن احتجاج ڪري رهيا   هئاسي، ٻئي پاسي لاهور ۾ شهبازشريف جي حڪم تي هٿين خالي شهرين تي گوليون هلايون ويون تنهنڪري دهشتگردي جا  ڪيس راڻا ثناءَ الله ۽ شهبازشريف تي هلائڻ گھرجن، عمران خان چيو ته ٻنهي کي دهشتگردي جي ڪيس ۾ اندر ڪرڻ گھرجي، عمران خان نوازشريف سان هٿ  ملائڻ جي سوال تي جواب ڏنو ته مان ڏوهارين ۽ قوم جي دشمنن سان هٿ ناهيان ملائيندو، عمران خان ٽرمپ جي بيت المقدس جي حوالي سان قدمن جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته فلسطيني مسلمانن تي وڏا ظلم ڪيا ويا آهن، ٽرمپ جھڙا ماڻهون مسلمانن کي انسان ئي نه ٿا سمجھن ۽ ان بابت اسانجي ڪٺ پتلي وزيراعظم کي  طيب اردگان جھڙو موقف اختيار ڪرڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *