طالبان کي واضح چيو ته نه اسان مداخلت ڪنداسين ۽ نه ئي افغانستان مان مداخلت ٿيندي: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو زوير شيخ رشيد احمد افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان چيو آهي ته اسان هر قسم جي حالتن جي تياري ڪري ڇڏي آهي ان بابت وڌيڪ واضح ڳالهه نٿو ڪري سگهان چمن ۽ طورخم بارڊر تي امپورٽ ايڪسپورٽ ٿي رهي آهي اڃا سرحد تي پناهگيرن بابت ڪائي صورتحال نه آهي، بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ داعش جا ماڻهو نورستان جي جبلن ۽ نگار جي علائقي ۾ آهن، طالبان تي واضح ڪيو ته اسان نه ڪائي مداخلت ڪنداسين نه افغانستان مان مداخلت ٿيندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته گهرو وزارت ۾ 24 ڪلاڪ ويزا جاري ٿي رهيا آهن، هن ٻڌايو ته بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ داعش بابت طالبان سان رابطي ۾ آهيون شيخ رشيد چيو ته طالبان کي صاف لفظن ۾ چيو آهي ته اسان نه ڪائي مداخلت ڪنداسين نه افغانستان مان مداخلت ٿيندي. افغان بارڊر تي 98 سيڪڙو فينسنگ ٿي آهي سيڪيورٽي فورسز موجود آهي هن وقت تائين جي صورتحال تي اطمينان آهي. شيخ رشيد احمد چيو ته ڪوشش آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان کي اسان جي خلاف افغان سرزمين استعمال نه ڪرڻ ڏني وڃي وفاقي گهرو وزير جو چوڻ اهي ته اڄ اربع جي صبح پريس ڪانفرنس ۾ بارڊر ويزا بابت صورتحال کان قوم کي آگاهه ڪندس.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *