طالبان پاڪستان جو اهم ڪمانڊر قاري شڪيل، ڊاڪٽر طارق افغان فورسز سان جهڙپن ۾ مارجي ويا

پشاور (م.ڊ) اهم طالبان ڪمانڊر قاري شڪيل حقاني ۽ ڪيپٽن ڊاڪٽر طارق علي المعروف ابوعبيده الاسلام آبادي افغانستان جي علائقي پرچائو ۾ جهڙپن دوران مارجي ويا ٻنهي جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي ذريعي گروپ جماعت الاحرار سان هو، دهشتگرد ڪمانڊر قاري شڪيل واهگا بارڊر ۽ لاهور پوليس لائنز تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي ۽ ان جو نالو آرمي پبلڪ پشاور تي حملي جي منصوبي ساز طور به سامهون آيو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته قاري شڪيل پابندي مڙهيل تحرڪي طالبان جي اڳوڻي امير حڪيم الله محسود کان اڳ مرڪزي شوريٰ جو رڪن هو جڏهن ته حڪيم الله محسود جڏهن تنظيم جو امير بڻيو ته ٻنهي ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا  ۽ قاري شڪيل کي تنظيم مان ڪڍيو ويو، ڪجهه مهينن کانپوءِ ان کي ٻيهر پابندي مڙهيل تنظيم ۾ شامل ڪيو ويو، حڪيم الله محسود جي مارجڻ کانپوءِ قاي شڪيل کي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي مرڪزيٰ شوريٰ جو امير بڻايو ويو دهشتگرد ڪمانڊر قاري شڪيل جو تعلق شبقدر جي علائقي مچني سان آهي هو حڪومت سان ڳالهيون ڪندڙ طالبان ڪميٽي جو به سربراهه رهيو، مهمند ايجنسي ۾ پاڪ فوج آپريشن شروع ڪيو ته هو افغانستان فرار ٿي ويو، مارجي ويل ٻيون دهشتگرد ڪمانڊر ڊاڪٽر طارق اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن دوران پڪتو به ويو هو پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الاحرار ڪوهاٽي چرچ ڌماڪي، ڪوهستان داسو ۾ 11 پرڏيهين جي مارجڻ جي علاوه ڪراچي ۾ ڪيترن ئي ڌماڪن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل جي ذميواري به قبول ڪري چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *