طالبان سان امن معاهدو پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ خطي ۾ امن لاءِ ضروري آهي: عمران خان

ڊيووس (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن هن جي حڪومت آئي ته پاڪستان دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪن مان هڪ تصور ڪيو ويندو هو پر ”اسان امن جو ساٿي بڻجڻ جو فيصلو ڪيو“، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي پهريون فائدو سياحت جي شعبي ۾ ٿيو. سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ٿيل عالمي اقتصادي فورم ۾ پاڪستان اسٽريٽجي ڊائلاگ سان خطاب ۾ ماضي جو ذڪر ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان 2 تڪرارن ۾ حصو ورتو جنهن ۾ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ افغان جهاد جڏهن ته 11 سيپٽمبر 2001ع کان پوءِ دهشتگردي خلاف جنگ هئي. ۽ اسان کي ٻنهي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي. هن چيو ته پهرين تڪرار ۾ سوويت يونين طرفان افغانستان ڇڏڻ کان پوءِ عسڪريت پسند گروپن، فرقيوار گروهن، ڪلاشنڪوف ۽ منشيات جي ڪلچر کي هٿي ملي، جنهن اسان جي معاشري کي گھڻو نقصان پهچايو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ جي نتيجي ۾ 70 هزار پاڪستانين پنهنجي جانين جي قرباني پيش ڪئي ۽ آپگھاتي ڌماڪن سبب پاڪستان دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪن مان هڪ تصور ٿيڻ لڳو. سندس چوڻ هو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته اسان ڪجهه اهم فيصلا ڪيا اسان رڳو امن برقرار رکنداسين ۽ ڪنهن به تڪرار جو حصو نه بڻجنداسين. عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ امن قائم ٿيڻ کان پوءِ پهريون فائدو سياحت جي شعبي ۾ ٿيو ڇو ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن مان هڪ آهي جتان جا گھڻا سياحتي هنڌ اڃا به دنيا جي نظر کان گم آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪيترين ئي قديم ترين تهذيبن جو ٿاڪ آهي، جنهن مان انڊس ويلي سولائيزيشن هڪ آهي، جيڪا 5 هزار ورهيه پراڻي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان دنيا جي سياحت دوست ملڪن مان هڪ آهيون ۽ هتي سياحت جا وڏا موقعا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت موٽي آئي آهي ۽ ان کي 2020ع ۾ دنيا جي بهترين سياحتي ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو، تنهنڪري اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان سياحت ذريعي گھڻو ريونيو گڏ ڪري سگھي ٿو. پنهنجي حڪومت جي ٻين قدمن بابت ٻڌائيندي عمران خان چيو ته حڪومت سيڙپڪارن کي متاثر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ صنعتن کي مراعتون فراهم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان سيڙپڪارن جي رستي ۾ ايندڙ رنڊڪون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان عالمي بينڪ جي ڪاروبار ۾ سولايون فراهم ڪندڙ انڊيڪس ۾ شامل ٿي ويو آهي، پر اڃا وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هڪ سال جي عرصي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري 200 سيڪڙو کان وڌيڪ تائين پهچي وئي آهي. اسان ٻيهر تڪرار ۾ نه پونداسين جي عزم جو اظهار  هن چيو ته اسان سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان کان سواءِ هاڻ اسان آمريڪين سان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان ۾ جنگ بندي جا امڪان موجود آهن ۽ اهو اسان لاءِ گھڻو اهم آهي ڇو ته ان سان پاڪستان کي وچ ايشيا ۾ اقتصادي راهداري کولڻ ۾ مدد ملندي. واضح رهي ته عالمي اقتصادي فورم ۾ وزيراعظم کان سواءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوڌو مخلتف ملڪن جا سربراهه موجود آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *