ضمير تي ڪو به ٻوجھه ناھي، جمهوريت فروش سازشي ٽولي جي چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏيندس: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان منهنجي ضمير تي ڪوبه ٻوجهه نه آهي ڇا جمهوريت فروش جي چوڻ تي استعفا ڏيان، اسانجي خاندان سياست ڪمايو ڪجھه به نه آهي پر وڃايو گھڻو آهي. ملڪ ۾ اربين روپين جا  پروجيڪٽ لڳي رهيا آهن، اسان تعمير ۽ ترقي جو ايترو ڪم ڪيو جيترو ٻن ڏهاڪن ۾ نه ٿيو، ٻيهر اونداهين کي پنهنجي بستين، ڪارخانن جو رخ نه ڪرڻ ڏينداسين. خميس تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس جو خطاب ٿيندو، وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته جي آئي ٽي جي رپورٽ اسانجي ذاتي ڪاروبار جي باري ۾ الزامن جو مجموعو آهي، هن چيو ته مان استعيفا جو مطالبو ڪرڻ وارن جي گڏيل ووٽن کان وڌيڪ ووٽ ورتا آهن، هن چيو ته منهنجي ضمير تي ڪو به ٻوجهه نه آهي، هن چيو ته وقت اچڻ تي سڀ راض کلي ويندا. هن چيو ته تعمير ۽ ترقي جي سفر کي ڊي ريل نه ٿيڻ ڏينداسين. پاڪستان ماضيءَ ۾ انهن تماشائن جي وڏي قيمت ادا ڪري چڪو آهي. هاڻي اهو سلسلو بند نه ٿيڻ گھرجي، ڪابينا جي ميمبرن وزيراعظم جي استعيفا نه ڏيڻ جي اعلان جي زبردست ڀليڪار ڪندي ڊيسڪ وڄائي فيصلي جي تعريف ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *