ضرب عضب آپريشن سان ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي: آرمي چيف

اسلام آباد (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جيڪو قطر جي سرڪاري دوري تي آهي، سومر ڏينهن قطر رياست جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني ۽ وزيراعظم ۽ گهرو وزير شيخ عبدالله بن نصير بن خليفه الثاني سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق چيف آف آرمي اسٽاف قطر جي دفاعي معاملن واري وزير ڊاڪٽر خالد بن محمد العطيه ۽ قطري اميري لينڊ فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل محمد بن علي الغنيم سان پڻ ڌار ڌار ملاقات ڪئي، قطر جي امير ۽ وزيراعظم سان ملاقاتن دوران علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفي دفاعي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان موقعي تي افغانستان ۾ سرچاءُ واري عمل لاءِ قطر آفيس ذريعي سهولت بابت پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان موقعي تي قطري قيادت پنهنجي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستاني قطر گڏيل ڀائپي وارن لاڳاپن سان ڳنڍيل آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ دفاعي ۽ گڏيل مفاد وارن لاڳاپن ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن، ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوجن وچ ۾ دفاعي لاڳاپن جي سطح تي اعتماد جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو، ملاقاتن دوران قطر جي قيادت علائقائي استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪندي دهشتگردي جي خاتمي ۽ خطي ۾ امن لاءِ پاڪستاني فوج جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *