ضرب عضب آپريشن جا گهربل نتيجا ڪراچي ۾ ڀرپور آپريشن کانسواءِ ممڪن ناهن:خالد مقبول صديقي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم،سنڌ سرڪار کي ناڪام قرار ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ منظم ۽ ڀرپور آپريشن ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ضرب عضب آپريشن جا گهربل نتيجا ڪراچي ۾ ڀرپور آپريشن کانسواءِ ممڪن ناهن. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هـُن چيو ته گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي کانپوءِ کين ائين پيو لڳي ڄڻ هو ٻرندڙ جبل تي ويٺا آهن. متحده اڳواڻ چيو ته ضرب عضب آپريشن جا گهربل نتيجا ناهن ملي سگهيا،جيڪي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ منظم ۽ ڀرپور آپريشن ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي شهر دهشتگردن سان ڀريو پيو آهي،جتي باقاعده شدت پسندن جون آباديون موجود آهن. خالد مقبول صديقي چيو ته صفوران ڳوٺ سانحو انتهائي افسوسناڪ آهي،جنهن تي هو سياست نٿا ڪرڻ چاهين پر اسيمبلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا،ڇاڪاڻ الطاف حسين هميشه کين ظلم خلاف آواز اٿارڻ جو درس ڏنو آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته وزيراعظم ميان نواز شريف اسماعيلي ڪميونٽي جي غم ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو سٺو عمل آهي. ڪپتان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته عمران خان ناڪام ٿي چڪو آهي،کيس ان جو اعتراف ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *