ضدي طبيعت جي مالڪ آهيان ۽ ڪنهن کان به مدد وٺڻ پسند ناهيان ڪندي : ديدار

 

اسلام آباد (شوبز نيوز) ) پاڪستاني اداڪاره ديدار  2014 ۾ ڪيل اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڇڏڻ جي فيصلي تي اڃان  تائين به قائم آهيهن چيو آهي ته اسٽيج تي  ڪم ڪرڻ جو هاڻ ڪوبه فائدو ناهي. ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره چيو ته ٿيٽر جي دنيا ۾ حادثاتي طور تي آئي هئس هاڻ منهنجو گهڻو رجحان پنهنجي پارلر جي طرف آهي ۽ اسٽيج ڊرامن ۾  ڪم جو ڪوبه ارادو ناهي. ديدار وڌيڪ چيو آهي ته مون کي گهر ٺاهڻ جو تمام گهڻو شوق  هو جيڪو 17 سالن جي عمر ۾ ئي پورو ٿي ويو. ضدي طبيعت جي مالڪ آهيان ۽ ڪنهن کان به مدد وٺڻ پسند ناهيان ڪندي.هڪ سوال تي هن چيو ته منهنجو مڙس ۽ ساهورا تمام سٺا انسان آهن. هاڻي سموري زندگي گهر ۾ رهي گذارڻ چاهيان ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *