صولت مرزا جي ڦاهي تي عمل ٽن مهينن تائين ملتوي ڪيو ويو، صدر صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو)  ايم ڪيو ايم جي قيادت تي سنگين الزام هڻندڙ ڦاهي جي سزا جي قيدي صولت مرزا جي ڦاهي تي عمل ٽن مهينن تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزارت جي ذريعن موجب، صولت مرزا جي وڊيو بيان کانپوءِ کائنس نئين سر جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان لاءِ جلد ڪميٽي پڻ قائم ڪئي ويندي.  ذريعن موجب، صولت مرزا کان جاچ ڪرڻ لاءِ سندس ڦاهي تي عمل وڌيڪ 90 ڏينهن تائين روڪيو ويو آهي، جاچ ڪميٽي صولت مرزا کان مئجسٽريٽ جي آڏو بيان رڪارڊ ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صولت مرزا کان سندس وڊيو بيان جي روشني ۾ جاچ ڪئي ويندي، جنهن بعد جاچ جو دائرو وڌايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *