صولت مرزا جي نظرثاني اپيل رد، موت جي سزا وارو فيصلو برقرار : سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، ايم ڪيو ايم ڪارڪن ۽ ڦاهي جي منتظر قيدي صولت مرزا جي نظرثاني اپيل رد ڪندي موت جي سزا وارو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو. جسٽس ناصر المـُلڪ پنهنجي چيمبر ۾ صولت مرزا جي موت واري سزا روڪڻ واري درخواست تي رجسٽرار آفيس جي اعتراضن تي ٻــُڌڻي ڪئي. رجسٽرار آفيس طرفان صولت مرزا جي اپيل تي اعتراض لڳايو ويو ته سپريم ڪورٽ جوابدار جي موت جي سزا جي نظرثاني اپيل خارج ڪري چڪي آهي ان ڪري عدالتي فيصلي تي ٻيهر نظرثاني نه ٿي ڪري سگهجي. چيف جسٽس ٻڌڻي بعد رجسٽرار آفيس طرفان اٿاريل اعتراضن تي ٻــُڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو ڪيو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻـُڌايو. عدالت، نظرثاني واري اپيل رد ڪندي صولت مرزا کي ڦاهي ڏيڻ وارو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو ياد رهي ته صولت مرزا کي ڪــَي اِي ايس سي جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 19 مارچ تي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *