صولت مرزا جي موت واري سزا خلاف درخواست جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي

اسلام آباد (بيورو) رجسٽرار آفيس سپريم ڪورٽ جي اعتراضن خلاف صولت مرزا جي اپيل تي ٻڌڻي گذريل ڏينهن ٿيڻي هئي جڏهن ته جوابدار جي وڪيل ايڊووڪيٽ لطيف کوسي جي غير حاضري سبب ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي رجسٽرار آفيس صولت ملرزا جي موت واري سزا خلاف درخواست اعتراض مڙهيا هئا ته موت جي سزا خلاف درخواست ٻڌڻي جي قابل ناهي جوابدار جي موت واري سزا خلاف اپيل ۽ نظرثاني درخواستون پهريان ئي رد ٿي چڪيون آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي ٻئين درخواست داخل نٿي ٿي سگهي چيف جسٽس ناصر الملڪ صولت مرزا جي درخواست تي اعتراضن خلاف اپيل جي ٻڌڻي سڀاڻي پنهنجي چيمبر ۾ ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *