صولت مرزا جي سزا 30 ڏينهن لاءِ روڪڻ جي صدر کي سفارش

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم،ڦاهيءَ جي منتظر ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ڪارڪن صولت مرزا جي سزا 30 ڏينهن لاءِ روڪڻ جِي صدر کي سفارش ڪري ڇڏي. وزيراعظم نواز شريف، صولت مرزا جي ڦاهيءَ واري سزا تي عملدرآمد 30 ڏينهن تائين ملتوي ڪرڻ لاءِ صدر ممنون حسين سفارش اماڻي آهي. ياد رهي ته صولت مرزا کي 19 مارچ تي ڦاهي اچڻي هئي پر گهرو وزارت طرفان جوابدار جي سزا 90 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪئي وئي جنهن بعد مچ جيل اختيارين کي درخواست تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت کيس پهرين اپريل تي ڦاهيءَ تي ٽنگڻ جو حڪم ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *