صولت مرزا جي بيان خلاف ايم ڪيو ايم جو قومي اسيمبلي ۾ احتجاج، متحده ۾ ڪا به هٿياربند ونگ ناهي: فاروق ستار

اسلام آباد (بيورو)  قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ صولت مرزا جي وڊيو رڪارڊنگ تي ايم ڪيو ايم ميمبرز  پاران  احتجاج ڪيو ويو، فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم خلاف ڪارروائي روڪي وڃي، جيڪڏهن 92 وارو رويو اختيار ڪيو ويو ته پوءِ هـِي نظام به نه هلي سگهندو، اسان لاءِ جيل کوليندڙ ٻڌي ڇڏين ته سڀاڻي انهن جو به وارو ايندو، ڦاهي جي قيدي صولتمرزا کي وڊيو بيان جي سهولت ڏني وئي، مشرف حملي ڪيس جي ڊاڪٽر عثمان ۽ ٻين ڦاهي جي قيدين کي به اهڙي سهولت  ڏني وڃي ها. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته ايم ڪيو ايم ميمبرز نائين زيرو تي ڇاپي ۽ صولت مرزا جي وڊيو رڪارڊنگ بيان تي سخت احتجاج ڪيو. ايم ڪيو ايم ميمبرز پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي اسپيڪر سردار اياز صادق کين روڪيندي چيو ته توهان پنهنجي رٿ واپس وٺي چڪا آيو، رٿ پيش ڪرڻ کانسواءِ توهان کي ڳالهائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پارلياماني معاملن واري وزير شيخ آفتاب جي درخواست تي ايوان ۾ معمول جي ڪارروائي معطل ڪري ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته نائين زيرو تي ڇاپي جو ڪهڙو جواز هو، کين ٻڌايو وڃي، روزانو نائين زيرو تي 3 هزار ماڻهو ايندا آهن، ايم ڪيو ايم وٽ اهڙي مشين ناهي جو ڳولها ڪري ته ڪهڙا ماڻهو ڏوهاري آهن. هن چيو ته ملڪ جي چوٿين وڏي پارٽي هئڻ باوجود اهڙو سلوڪ ڇو ٿي رهيو آهي، حڪومت ايم ڪيو ايم خلاف ڪارروائي روڪي، ٻيهر صورت ۾ اسان سمجهنداسين ته ڪارروائي وفاق جي مرضيءَ سان ٿئي پئي. فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ ڪا به هٿياربند ونگ ناهي، جيڪڏهن ڪو ڏوهاري نائين زيرو تان گرفتار ٿئي پيو ته ان کي غلط رنگ نه ڏنو وڃي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته نائين زيرو تان مليل هٿيارن بابت چيو پيو وڃي ته اهي نيٽو جا آهن،  جڏهن آمريڪا ان جي تردي ڪئي آهي ته پوءِ پرائي شادي ۾ عبدالله ديوانو ڇو آهي.؟ فاروق ستار چيو ته ڦاهي جي سزا ٻڌايل قيدي کي وڊيو رڪارڊنگ جي سهولت ڏيڻ ملڪي تاريخ ۾ انوکو مثال آهي، جيڪڏهن پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳ ائين ٿيو هجي ته هو سياست ڇڏڻ لاءِ تيار آهي. فاروق ستار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن صولت مرزا کي وڊيو رڪارڊنگ جي  وڊيو ڏني وڃي ته پوءِ پرويز مشرف حملي جي ڊاڪٽر عثمان ۽ ڦاهي جي ٻين قيدين کي اهڙي سهولت ڇو نه پئي ڏني وڃي. هن چيو ته 12 مئي سانحو ايم ڪيو ايم خلاف سازش هو، سانحي کانپوءِ آمريڪي سفير سان جيڪا  18 منٽ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اها پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. فاروق ستار چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ۾ ڪو ڏوهاري آهي ته گند صاف ڪرڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي، رڳو ايم ڪيو ايم خلاف جيل کوليندڙ ٻڌي ڇڏين سڀاڻي انهن جو به وارو هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *