صولت مرزا جي انڪشافن کانپوءِ گهروارن کي ڌمڪيون ملڻ لڳيون، ڏکڻ آفريڪا ۽ ڪئنيڊا مان فون پيا اچن: صولت مرزا جي گهر واري

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ڪارڪن ۽ موت جي سزا ٻڌايل قيدي صولت مرزا طرفان اهم انڪشاف ڪرڻ کانپوءِ ان جي گهرواري الزام لڳايو آهي ته ان کي ڌمڪين واري فون ڪئي پئي وڃي نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي صولت مرزا جي گهرواري جو چوڻ هو ته ان کي ڏکڻ آفريڪا ۽ ڪينيڊا جي نمبرن تان فون ڪال اچي رهيون آهن جنهن ۾ فون ڪرڻ وارن طرفان ايم ڪيو ايم جي باري ۾ ميڊيا تي بيان بازي ڪرڻ تي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن صولت مرزا جي گهرواري ٻڌايو ته اڃان تائين ان کي 3 فون ڪال آيون آهن جن مان 2 نمبرن کي هو پهريان ئي سڃاڻي ٿي هن جو چوڻ هو ته فون ڪندڙ پنهنجي سڃاڻپ نه پيا ٻڌائن پر انهن طرفان ان کي چيو پيو وڃي ته توهان جيڪو ڪري رهيا آهيو ان جو انجام سوچي ڇڏيو سيڪيورٽي جي حوالي سان  صولت مرزا جي گهرواري جو چوڻ هو ته ان کي سيڪيورٽي لاءِ هڪ پوليس موبائل ڏني وئي آهي ۽ اهلڪار ان جي گهر ٻاهران به مقرر آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *