صوبن جا ٽيڪس وصولي اختيار ختم ڪريو يا اسان جو ادارو: ايف بي آر

اسلام آباد (م.ڊ) ايف بي آر خدمتن ۽ گُڊز تي جي ايس ٽي ۽ زرعي آمدني ٽيڪس صوبن وٽ هجڻ تي اعتراض واريندي ٽيڪس اوڳاڙي صوبن کان کسڻ جي باضابطا تجويز پيش ڪري ڇڏي، ايف بي آر جي ميمبر حامد عتيق سرور صحافين جي هڪ گروپ کي بريفنگ ڏيندي ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ انوکي تجويز پيش ڪئي، هن ٻڌايو ته ايف بي آر ۾ ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ سنگل ٽيڪس اٿارٽي قائم ڪرڻ گهرجي، صوبن سان خدمتن ۽ گُڊز تي جنرل سيلز ٽيڪس وصول ڪرڻ تي اختلاف آهن، هن چيو ته يا ايف بي آر کي ختم ڪيو وڃي يا وري صوبن کان ٽيڪس وصول ڪرڻ جا اختيار واپس ورتا وڃن، ايف بي آر عملدارن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال جي 7 مهينن ۾ 20 کرب 60 ارب روپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽارگيٽ 22 کرب 51 ارب روپيا هو، 195 ارب ٽيڪس وصولي جي کوٽ آهي، جنوري ۾ 270 ارب روپيا جمع
ڪيا ويا. ستن مهينن ۾ آمدني ٽيڪس مان 630 ارب، وڌ هولڊنگ ٽيڪس مان 511 ارب رپيا اوڳاڙيا ويا. هن چيو ته پگهارن ۽ موبائل فون تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته عليمه خان سان ڪو به خاص سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي. هن کان ٽيڪس ۽ ڏنڊ جي رقم وصول ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *